ٽمون مٺو

ٽِمُون مِٺو: ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي ساماري ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: منير پلي، جان محمد، ڪمال چاچڙ، اوطاق جان محمد، مٺل لاشاري، حاجي محمد حسن، چوڌري علي محمد، ڀورو آريسر. آڳاٽي وقت ۾ هن ديهه ۾ وڏا کوهه هوندا هئا، جن جو پاڻي مٺو هوندو هو، انهيءَ ڪري هن ديهه کي ”ٽمون مٺو“ سڏيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو